سنڌو ميراڻي

سنڌو ميراڻي

سنڌو ميراڻي

سنڌو ميراڻي: چترڪار، اديب ۽ شاعر سنڌو ميراڻيءَ جو اصل نالو محمد صالح ولد محمد حسين ميراڻي هو، هن 15 فبروري 1948ع تي دادو شهر ۾ جنم ورتو. پرائمري ثانوي ۽ اعلى ثانوي تعليم دادوءَ مان حاصل ڪيائين. ايم.اي انگريزي (ادب) ۾ سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان ڪيائين، جنهن کانپوءِ ليڪچرار جي حيثيت سان مختلف ڪاليجن ۾ پڙهايائين. کيس 1977ع ۾ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاري ۾ ليڪچرر مقرر ڪيو ويو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي جڏهن ڦاسي ڏني وئي ته هن سندس جنازي نماز پڙهائڻ جا انتظام ڪيا ۽ هڪ جنازي نماز جو پاڻ پيش امام به ٿيو، جنهنڪري ضياء الحق انتظاميه کيس نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ هو مسلسل ان جدوجهد ۾ رهيو ته سندس ملازمت بحال ٿئي پر کيس نوڪريءَ تي بحال نه ڪيو ويو ۽ مايوس ٿي هن پيٽ پالڻ لاءِ مختلف ڪاروبار ڪيا، جن ۾ هن ڀان سعيدآباد ۾ ميڊيڪل اسٽور تي ملازمت ڪرڻ، ميڻ بتيون ٺاهڻ کان وٺي پڪوڙن ترڻ تائين جو ڪم ڪيو، جنهن کانپوءِ هن دادو شهر ۾ هڪ پريس کولي، جنهن مان هن ’ليکڪ‘ ۽ ’امرتا‘ نالي ٻه رسالا شايع ڪيا. آخري وقت ۾ مارڪيٽ روڊ دادوءَ تي قبرن تي ڪتبن اڪيرڻ ۽ لکڻ جو دڪان هئس، جتي هو ڪتبا اڪيريندو هو. انهيءَ فن ۾ کيس وڏي دسترس هئي.
سنڌو ميراڻيءَ، 1962ع کان ادبي دنيا ۾ پير پاتو. سٺو ڊرائنگ ماسٽر هو. سندس وڏي سڃاڻپ ڪارٽونسٽ طور هئي. هن جا ڪارٽون سنڌيءَ جي سمورن رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيا هئا. هن ڪهاڻيون ۽ ڪيترا مضمون به لکيا، شاعري به ڪيائين. سندس هڪ سائيڪو اسٽائيل ڪارٽون جو ڪتاب به شايع ٿيل آهي، جڏهن ته سندس شعري مجموعو ۽ طب تي ڪتاب اشاعت هيٺ اچي نه سگهيا آهن.
هن 1988ع جي اليڪشن ۾ پي. ايس 74 تي اڳوڻي وزير تعليم پير مظهرالحق جي سامهون آزاد اميدوار طور فارم ڀرايو ۽ سائيڪل تي چڙهي پنهنجي اليڪشن مهم هلائي، پر کيس ناڪامي حاصل ٿي.
سال 2003ع ۾ کيس دم جي تڪليف وڪوڙي ورتو، ان تڪليف ۾ هن 10 سال گذاريا، ۽ 15 سيپٽمبر 2013ع تي وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1948.02.15  عيسوي

چترڪار، اديب ۽ شاعر سنڌو ميراڻيءَ جو اصل نالو محمد صالح ولد محمد حسين ميراڻي هو، هن 15 فبروري 1948ع تي دادو شهر ۾ جنم ورتو.


2013.09.15  عيسوي

سنڌو ميراڻي 15 سيپٽمبر 2013ع تي وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پروين موسيٰ ميمڻ
حسن عابدي
سڪندر علي مرزا
صديقي محمد علي ڊاڪٽر
سدورو مل ايم راجپوت
چترو ناگپال
عبدالجبار عابد لغاري
رحمت الله ماڃوٺي
اسرار شام
عبدالمالڪ ميمڻ انجنيئر
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون